جوش شيخ عبدالحليم

جوش شيخ عبدالحليم

جوش شيخ عبدالحليم

جوش، شيخ عبدالحليم: نامور شاعر عبدالحليم ’جوش‘ جو پورو نالو عبدالحليم ولد شيخ عبدالله آهي. هن نوآباد محلي، ڪراچيءَ ۾ 1- مارچ 1932ع ۾ جنم ورتو. هن جو والد شيخ عبدالله ’عبد‘ سنڌ جو هڪ ڪهنه مشق ۽ قادرالڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. هن ابتدائي تعليم نؤآباد ڪراچيءَ جي هڪ سنڌي اسڪول مان حاصل ڪئي. ابتدائي تعليم کان پوءِ ثانوي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ميرپورخاص پڙهڻ ويو. جتان 1948ع ۾ واپس ڪراچيءَ موٽي آيو ۽ سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. 1949ع ۾ تعليم سان گڏ لياري هاءِ اسڪول ۾ اُستاد ٿي ڪم ڪيائين.
شيخ عبدالحليم جي والد جي اسڪول ۾ ان زماني ۾ مشاعرا ٿيندا هئا. کيس ننڍي هوندي کان پنهنجي والد ۽ سنڌ جي ٻين شاعرن جي صحبت حاصل ٿي، جنهن سندس طبع ۾ شاعريءَ لاءِ چاهه پيدا ڪيو. 1951ع کان وٺي هن ’بزم ادب نظامي‘ ۽ ’محفل احباب‘ جي طرحي مشاعرن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. شاعريءَ جي لڳاءَ سبب ئي ڪاليج ۾ سائنس جو مضمون ڇڏي آرٽس پڙهيو. شروع ۾ پنهنجي والد بزرگوار کان شاعريءَ جي تربيت وٺندو هو. تخيل جي بلنديءَ ۽ استاد شاعرن جي همت افزائيءَ سبب غزل جو بهترين شاعر ٿي اڀريو. ان دوران مضمون نگاريءَ جي به ابتدا ڪيائين. نئين زندگيءَ ۾ سندس فن ۽ تنقيد جي مختلف مسئلن تي ڪيترائي مضمون ڇپيل آهن. ڪجهه عرصو ماستري ڪرڻ بعد، اها نوڪري ڇڏي، سنڌ اطلاعات کاتي ۾ داخل ٿيو ۽ ترقي ڪري ڊائريڪٽر انفرميشن جي عهدي تائين پهتو. جوش نه رڳو ڪراچيءَ جي مشاعرن جي جان هو، پر سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جو به ميمبر هو. اياز قادري ۽ محمد ابراهيم جويي جي خيالن کيس متاثر ڪيو. سندس همعصرن ۾ تنوير عباسي، لعل محمد لعل، علي محمد مجروح، مظفر حسين جوش، شمشير الحيدري، محمد حسن ساز ۽ تاج بلوچ اچي وڃن ٿا.
عبدالحليم جوش شاعريءَ جي اڪثر صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر غزل جي شاعريءَ ۾ بلند مقام رکي ٿو. سندس غزل ۾ تغزل ۽ غزل جا سمورا لطيف قدر ۽ معيار موجود آهن. ماحول ۽ زندگيءَ جي مسئلن جي ترجماني، سندس اشاريت ۽ رمزيت ۾ سمايل آهي. جنهن ڳالهه کيس فني طور پختي ۽ قادرالڪلام شاعر جي حيثيت ڏني آهي. هن غزلن ۾ نوان تجربا به ڪيا آهن، جنهنڪري سندس ڪلام ۾ شوخي ۽ لطافت پيدا ٿي وئي آهي. عبدالحليم جوش شاعر سان گڏ هڪ بهترين نقاد به آهي. سندس همعصر شاعرن تي لکيل مضمون، سنڌي ادب ۾ تنقيد جي اعليٰ معيار جا مثال آهن.
عبدالحليم ’جوش‘ شاعر سان گڏ صحافي به رهيو آهي. روزاني اخبارن کان سواءِ ان زماني ۾ کڏي ۽ نوآباد مان شايع ٿيندڙ محمد عمر ڄاموٽ جي هفتيوار اخبار ’ناخدا‘ ۾ ڪيترا مضمون لکيائين. اطلاعات کاتي جي ملازمت دوران نئين زندگي، مهراڻ ۽ ٻين ادبي رسالن ۾ سندس معياري ادبي مضمون ڇپجندا رهيا. هن ٻارن لاءِ نصابي نظم به لکيا، جيڪي ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي درجن جي نصابي ڪتابن ۾ شامل آهن.
سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’اوندهه ۾ لاٽ‘ (2009ع) ڇپيل آهي. جنهن ۾ سندس استاد اياز قادريءَ جي تاثرات سان گڏ سندس همعصرن امداد حسيني ۽ تاج بلوچ جا مضمون شامل آهن. هن ڪتاب ۾ جوش جا حمد، نعتون، غزل، گيت، چوسٽا ۽ٻارن جا گيت (ٻارن جي ٻاري) شامل آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.03.01  عيسوي

نامور شاعر عبدالحليم ’ جوش ‘ جو پورو نالو عبدالحليم ولد شيخ عبدالله آهي . هن نوآباد محلي ، ڪراچيءَ ۾ 1- مارچ 1932ع ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قادر بخش مگسي ڊاڪٽر
اي آر ناگوري
اياز خليل چنجڻي
پير بخاري1
ڄيٺانند ڀوڄراڄ پنجابي
آسڪو پارپولا
جارج اسٽيفنسن
جتوئي عبدالرحمٰن
ارباب ڇڄڙو
دلاور خان هالاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون